اليڪشن ڪميشن ٽن وڏين سياسي پارٽين ۽ پارلياماني اڳواڻن جي اثاثن جي آڊٽ ڪندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ٽن وڏين سياسي پارٽين ۽ پارلياماني اڳواڻن جي اثاثن جي آڊٽ ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي لاءِ ڊپارٽمينٽ طريقي ڪار طئي ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏين سياسي پارٽين جي فنڊنگ جي به آڊٽ ٿيندي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان آڊٽ ٽن وڏين سياسي پارٽين ۽ پارلياماني اڳواڻن کان شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻين رجسٽرڊ پارٽين ۽ ميمبرن جي اثاثن جو به جائزو ورتو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ پوليٽيڪل فنانس ونگ عمل شروع ڪندي، اليڪشن ڪميشن قانون پهلوئن جو جائزو وٺي آڊٽ منصوبي جي حتمي منظوري ڏيندي. جاچ لاءِ نيب، ايف آءِ اي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان به مدد ورتي ويندي. هوڏانهن وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ رابطو نه ٿيڻ سبب اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري اڃا تائين ناهي ٿي سگهي. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان ۽ اپوزيشن ليڊر شهاز شريف وچ ۾ رابطو به ٿيو هو. حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن – ٻن ميمبرن جي مقرري لاءِ ٽي – ٽي نالا به سامهون اچي چڪا آهن.

April 17, 2019 at 8:15 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو