ملڪ ۾ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي وڃي: شهباز شريف

لاهور ( م ڊ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سرڪاري ۽ خانگي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته عوام کي فوري طور رليف نه مليو ته رمضان مهينو گذارڻ مشڪل ٿي ويندو.  هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته  رمضان المبارڪ جي آمد کي نظر ۾ رکندي فوري طور 3 هزار رپيه پگهارن ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته  مهانگائي ۽ ناڻي واڌ کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 18 هزار ڪئي وڃي، هڪ لک هر مهيني ڪمائيندڙ ماڻهن جي پگهار ۾ 20 سيڪڙو فوري اضافو ڪيو وڃي.  سندس چوڻ هو ته خانگي ۽ سرڪاري ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ اضافو ڪيو وڃي. شهباز شريف چيو ته غريب ۽ پگهار دار طبقو  مهانگائي جي بار ۾ دٻجي چڪو آهي،  عوام لاءِ هڪ وقت جي ماني کائڻ مشڪل ٿي ويو آهي.

April 17, 2019 at 8:13 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو