اورنج لائن جي رستي ۾ جيڪو اچي تنهن کي ٽريڪ جو حصو بڻايو وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اورنج لائن جي رستي ۾ جيڪو اچي تنهن کي ٽريڪ جو حصو بڻايو وڃي.  جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ  اورنج لائن ٽرين پراجيڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  جسٽس عظمت سعيد هدايت ڪئي ته فنڊن سبب منصوبي تي ڪم نه بيهڻ گهرجي، پروجيڪٽ جي رستي ۾ جيڪو اچي تنهن کي ٽريڪ جو حصو بڻايو وڃي،  اڏاوتي ڪمپنيون پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪنديون ته  ڪنهن ٻئي هنڌ وينديون.  هن چيو ته منصوبي تي ڪم نه ٿيندو ته معاملو نيب کي به موڪلي سگهجي ٿو. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڪم نه هئڻ سبب منصوبي ۾ دير ٿي رهي آهي، اڏاوتي ڪمپنين کي 15 اپريل تائين ڪم مڪمل ڪرڻ هو، اڏاوتي ڪمپنين پنهنجي خاطري پوري نه ڪئي آهي. عدالت ٽرانسپورٽ جي صوبائي سيڪريٽري، سيڪريٽڙي فنانس، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، نيب پراسڪيوشن ٽيم جي نمائندن ۽ اڏاوتي ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

April 17, 2019 at 8:12 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو