جعلي ڪال اپ نوٽيس موڪلڻ وارو معاملو: نيب چيئرمين جاچ ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب طرفان شهري شمشاد علي کي جعلي ڪال اپ نوٽيس موڪلڻ جي معاملي جي انڪوائري نيب چيئرمين حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڊي جي نيب ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي طلبي تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت جعلي ڪال اپ نوٽيس موڪلڻ جي معاملي تي ڊي جي نيب سان به ڳالهايو. عدالت چيو ته ڊي جي صاحب توهان ڏسي رهيا آهيو هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته اهو نيب جو رجسٽر ڪڏهن ۽ ڪيئن خريد ڪيو ويو؟ جعلي ڪال اپ نوٽيس معاملي جي جاچ نيب چيئرمين کان ڇو نه ڪرائي وڃي؟ عدالت ڊي جي نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ توهان ڏٺو هوندو نيب وارن جي ڇا ڪارڪردگي آهي، اسان نيب وارن کي هر ڪيس ۾ هر ڀيري موقعو ڏيندا آهيون ته تياري سان اچو پر پوءِ به ڪارڪردگي توهان جي سامهون آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان نٿا چاهيون ڪنهن قومي اداري جو نالو خراب ٿئي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب معاملي جي جاچ ڪئي آهي، ڪال اپ نوٽيس نيب جاري نه ڪيو، ڪال اپ نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ احتساب عدالت حيدرآباد رجسٽرار آفيس کان جوابدار کي ڪال ڪئي وئي، معاملي جي جاچ پوليس به ڪري رهي آهي، نيب جو جاچ آفيسر کي ڪنهن کي به سڌي ريت ڪال اپ نوٽيس جاري ناهي ڪندو.

April 17, 2019 at 8:04 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو