ملڪ جي صورتحال خراب آهي، صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته اسان روڪينداسين؛ آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته روڪينداسين. آصف زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد واپس ويندي ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون. هڪ صحافي کانئس سوال ڪيو ته ملڪ ۾ صدارتي نظام جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، آصف علي زرداري جواب ڏيندي چيو ته ايئن ته ٿيندو آهي اهڙي قسم جي ڪمن ۾ هي روز پاڪستان ۾ نئون تجربو ڪرڻ جي موڊ ۾ آهن. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، اسان صدارتي نظام جا حامي نه آهيون، کين ڪوشش ڪرڻ ڏيو اسان کين روڪينداسين. احتساب عدالت ۾ پيشي دوران جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ٻئي دفعا احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جوابدارن جي غير حاضري تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته جوابدار غير حاضر هئا. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته پنج جوابدارن کي ياد دهاني ۽ خط لکڻ جي باوجود ملير جيل مان ناهي آندو ويو. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي  جوابدار پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ايندڙ پيشي تي شوڪاز نوٽيس  موڪليو ويندو. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جوابدار نورين سلطان ۽ ڪرن آفتاب پاران  شاهد بنجڻ جي درخواست نيب کي ملي وئي آهي پر ان تي ڪارروائي اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهي. چار غير حاضر جوابدارن مان هڪ اقبال آرائين فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته عدنان جاويد کي ڳوليو پيو وڃي. عدالت اقبال آرائين جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت جوابدار عدنان جاويد جا ناقابل ضمانت جڏهن ته اعظم وزير ۽ ناصر جا ضمانت جوڳا وارنٽ گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته شهزاد علي ۽ زين ملڪ جي حاضري يقيني بنائڻ جي لاءِ ويهه ويهه لک روپين جا ضمانتي مچلڪا داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي اوڻٽيهه اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

April 17, 2019 at 8:03 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو