فريال ٽالپر کي نيب اڄ طلب ڪري ورتو، گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت جي درخواست داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)  نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي اڄ  طلب ڪيو آهي جڌهن ته هن گرفتاري جي خدشي سبب گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.  نيب اڄ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي ڏينهن جو يارهين وڳي جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي.  ذريعن موجب فريال ٽالپر نيب جي جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيندي.  ٻئي طرف فريال ٽالپر نيب ۾ گرفتاري جي خدشي سبب گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. فريال ٽالپر طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب مون کي  اڄ طلب ڪيو آهي، خدشو آهي ته گرفتار نه ڪيو وڃي تنهن ڪري عبوري ضمانت ڏني وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فريال ٽالپر جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. واضح رهي ته فريال ٽالپر کي جعلي اڪائونٽيس ڪيس ۾ عدالت اوڻٽيهه اپريل تائين عبوري ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.

April 17, 2019 at 8:03 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو