نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ دهشتگردي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، دهشتگردي ۾ ٻاهريون قوتون ملوث آهن: حڪومت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي (سي ٽي ڊي) کي مني لانڊرنگ جا معاملا ڏسڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ مني لانڊرنگ جي ڪيسن جي جيڪا تفصيل ايندي اُها هوش اڏائي ڇڏيندي. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪابينا مني لانڊرنگ جي تازي ڪيسن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي ڇو ته اسان ڏٺو آهي ته شهباز شريف ۽ سندس وارثن ڪهڙي ريت مني لانڊرنگ ڪئي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن جا اِهي ئي ڪرتوت هئا جنهن جي ڪري پاڪستان کي اڄ هڪ اقتصادي بحران کي منهن ڏيڻو پيو پوي، ڊالر ۽ اگهن ۾ واڌ جو وڏو سبب اُها ڪرپشن ئي آهي جيڪا ماضي ۾ شريف خاندان ۽ زرداري خاندان ڪئي، پر اسان کي اميد آهي ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندي ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائيندو. سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سليمان شهباز مني لانڊرنگ جي حوالي سان سوالن تي بلڪل بيوس هو ۽ شهباز شريف وٽ به ان بابت ڪو جواب ناهي جڏهن ته اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز به پريشان آهن،. عدالتن کي منهن ناهن ڏئي رهيا ۽ ملڪ کان ٻاهر آهن. هن چيو ته ٽي ٽي جي ذريعي شهباز شريف جي وارثن وٽ 2 ڪروڙ 60 لک ڊالر آيا ۽ ڪجهه ملين ڊالر نواز شريف جي وارثن کي به مليا هئا، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن جو ڪيترو پيسو ملڪ کان ٻاهر پيل آهي.  پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته حمزه شهباز جا ظاهر ڪيل 99 سيڪڙو اثاثا ٽي ٽي تي آهن جڏهن ته باقي ماڻهن جا 100 سيڪڙو اثاثا ٻاهر آيل پيسن جا آهن. پيپلز پارٽي جي حوالي سان  سندس چوڻ هو ته اِهو ئي معاملو زرداري خاندان جو به آهي جنهن سڄي بينڪ ئي خريدي ورتي ۽ هن سمورو ڪم اُتان ئي هلايو جڏهن ته اهڙي طرح جا به ڪيس سامهون ايندا جنهن سان توهان جون ننڊون اڏامي وينديون. هن چيو ته اِهو معاملو رڳو اعليٰ قيادت تائين ناهي پر هن جي دور جي ڪابينا جا ميمبر به ان ۾ ملوث هئا. خواجا آصف، احسن اقبال ۽ نواز شريف کي اقامو رکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اِهي سوال اهم آهن جنهن جا جواب آهستي آهستي ملڪڻ شروع ٿيندا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هن وقت تائين جيڪا جاچ ٿي اُها اسان جي دور کان پهرين جي هئي، هاڻ توهان اسان جي دور جي جاچ ڏسندا جنهن ۾ ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون ايندا ۽ خبر پوندي ته ڪيئن ڪرپشن ڪئي وئي ۽ ان جو ڪاٿو ڪيترو آهي. ادارن جي بحالي جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري جي اچڻ کان اڳ اسٽيل ملز هڪ منافعي وارو ادارو هو پر هن ايستائين سُک جو ساهه نه کنيو جيستائين مل کي بند نه ڪيو، پر هاڻ وزير اعظم عمران خان جي ڪوششن جي ڪري ئي ان اداري جي بحالي جو منصوبو پيش ڪيو پيو وڃي ۽ 6 ڪمپنين ان ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته في الحال پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ان اداري کي هلائڻ جي تجويز آهي ۽ دنيا جي 6 وڏن ادارن ان کي هلائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، پر اسان پنهنجي اسٽيل جي ذاتي ڪاروبار ڪندڙن کي به ڏسڻو آهي جيئن انهن جا مفاد به متاثر نه ٿين. ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين جا لائسنسز کي جديد ڪرڻ بابت سندس چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کان تجويزون ورتيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا انهن تجويزن کي ڏسي حتمي فيصلو ڪندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي مقررين واري پاليسي ۾ تبديليون آنديون ويون آهن، گريڊ 1 کان 5 تائين پهرين سفارش تي ڀرتيون ٿينديون هيون ۽ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڪوٽا ڏني ويندي هئ پر هاڻ ان ڪوٽا جي نظام کي ختم ڪيو ويو ۽ هاڻ گريڊ 1 کان 5 تائين ڀرتيون قرعه اندازي ۽ بيلٽ جي ذريعي ڪنداسين. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته گريڊ 15 کان مٿي جون ڀرتيون نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جي ذريعي ٿيندي آهي، پر ان جي خلاف شڪايتون آيون آهن، جنهن تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي هدايت ڪئي ويئ آهي ته هو ٽيسٽنگ سروس جي ڪمپنين ۾ ترميم ڪن. ڪابينا اجلاس جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي ضرورت کي ڏسندي دهشتگردي جي خاتمي واري صوبائي کاتي (سي ٽي ڊي) کي اختيار ڏنا آهن ته هو مني لانڊرنگ جي معاملن کي ڏسي سگهي. هن ٻڌايو ته هڪ پاڪستاني شهري نعمان حنيف ولد حنيف جان محمد کي يو اي اِي جي حوالگي جي عمل جي منظوري ڏني وئي آهي ڇو ته متحده عرب امارات جي حڪومت ان جي حوالگي جو مطالبو ڪيو هو. گڏوگڏ ئي هن ٻڌايو ته پاڪستان پينل ڪو (تعزيرات پاڪستان) ۾ هڪ ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ اُهي ملڪ جتان کان جوابدارن جي حوالگي ان ڪري ناهي ٿي رهي ڇو ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏوهن ۾ موت جي سزا آهي، ان ڪري اهڙن ملڪن مان جوابدارن جي حوالگي جي حوالي سان جيڪو معاهدو ٿيندو ان جي تحت هن تي موت جي سزا لاڳو نه ٿيندي. هن چيو ته اِها ترميم ان ڪري ضروري هئي جو اسان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي چورن ۽ ڌاڙيلن کي واپس آڻي سگهون.  نيوز بريفنگ دوران سوالن جو جوابڏيندي سندس چوڻ هو ته حوالگي جي حوالي سان الطاف حسين جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، انهن کي واپس آڻڻ ضروري آهي، ان کان سواءِ اسحاق ڊار، حسين نواز، حسن نواز برطيانيا کي ڏنل پاڪستان جا تحفا آهن ۽ اسان چاهيون ٿا ته انهن کي واپس ڪيو ُڇي جيئن اسان پنهنجي جاچ مڪمل ڪري سگهون. گڏوگڏ ئي هن چيو ته اِها فهرست ڏاڍي طويل ٿيندي پئي وڃي، ان تي ماڻهن جون دليون ڌڙڪنديون آهن ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ ترميم جون ڪيتريون ئي لائنون لڳنديون. هن چيو ته يورپي يونين، برطانيا ۽ ڪيترا ئي ملڪ اهڙا آهن جتي قانون ۾ موت جي سزا ناهي ۽ انهن ۾ قانون ۾ آهي ته اهڙن ملڪن ۾ جوابدار جي حوالگي نه ڪنداسين جتي موت جي سزا هجي، ان ڪري اسان انهن ماڻهن جي واپسي لاءِ ترميم جي تجويز ڏني آهي. ڪرتارپور راهداري جي حوالي سان هن ٻڌايو ته اُتي هڪ ڪلچرل سينٽر ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته اڄوڪي اجلاس ۾ اثاثا ظاهر ڪرڻ ۽ ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ناهي ڏني وئي، ميمبرن محسوس ڪيو ته ان تي وڌيڪ بحث جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سوال جو جواب ڏيندي سندس چوڻ هو ته اثاثا ظاهر ڪرڻ ۽ ايمنسٽي اسڪيم جي حوالي سان شق به ڏٺي پئي وڃي، ان تي ايف اي ٽي ايف جو ڪو  اعتراضن جو معاملو ناهي پر ڪابينا جي ميمبرن ان تي اعتراض اٿاريا آهن، جنهن تي بحث جي لاءِ وزير اعظم سڀاڻي اجلاس گهرايو آهي. وزيرن جي بدلين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ڪا به تبديلي ناهي ٿيڻ واري جڏهن ائين ٿيندو ته وزير اعظم هائوس اعلان ڪندو. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته دهشتگردي ۾ ٻاهريون قوتون ملوث آهن، نيشنل ايڪشن پلان کان پوءِ ئي دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر ان پلان تي مڪمل عملدرآمد سان ئي دهشتگردي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. دهشتگردي جي واقعن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جا اجلاس ٿي چڪا آهن، بلاول ڀٽو زرداري کي ان بابت خبر نه هوندي جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪوتم هئي ته اهڙي قسم جا حملا انتهائي ٿيندا هئا پر هاڻ ان ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر اسان کي ان تي ضابطو آڻڻو آهي.  هن چيو ته ڪوئيٽا جهڙن واقعن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري پنهنجي سياست ڪن پر مناسب ناهي ته ڪوئيٽا تي اهڙي سياست ڪئي وڃي. نيب بابت سوال تي سندس چوڻ هو ته نيب وارا پهرين ئي مون کان ناراض آهن پر حقيقت اِها آهي ته اسان وٽ عدالتن، جيلن ۽ پراسيڪيوشنز ۾ فرق آهي ۽ انهيءَ فرق کي ختم ڪرڻ ئي نظام جي تبديلي آهي، وزير اعظم جي پوري ڪوشش آهي ته اميرن سان به اُهو ئي ٿئي جيڪو غريبن سان ٿيندو آهي. پلي بارگين جي حوالي سان هن چيو ته اِهو قانون ۾ موجود آهي ۽ اسان اِهو چئي رهيا آهيون ته توهان اسان جا ڦريل پيسا واپس ڪيو.

April 17, 2019 at 8:02 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو