پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ جي ٽئڪس جو پئسو ڦٻائي وئي آهي: بلاول ڀٽو

ميرپور ماٿيلو (ن ڪلياڻ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شڌاڻي درٻار پهچڻ بعد حيات پتافي شهر لاءِ خصوصي پيڪيج جو واعدو ڪندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ جا پئسا ڦٻائي وئي آهي، اسان سنڌ جي عوام جو پئسو واپس وٺي پوءِ خاموش  ٿينداسين. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شداڻي درٻار حياتي پتافي ۾ پهتو ته ڪارڪنن طرفان سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. بلاول ڀٽو کي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا ويا، جڏهن ته شداڻي درٻار طرفان کيس تحفا به ڏنيا ويا. اُن موقعي تي ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪامياب جلسو ڪرائڻ تي گهوٽڪي واسين جو ٿورائتو آهيان، حيات پتافي شهر جي پيڪيج لاءِ وڏي وزير کي چوندس، جڏهن ته ڊگري ڪاليج ۽ اسپتال سوڌو ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. اُن حوالي سان به خصوصي پيڪيج لاءِ وڏي وزير کي چوندس. پ پ چيئرمين چيو ته اسان برابري جي بُنياد تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هندو هجن يا مسلمان، سڀ گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي ٽئڪس جا ڏنل پئسا وفاق کائي ويو آهي، پيپلز پارٽي عوام جو حق وٺي رهندي. اُن کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي شداڻي درٻار تي آمد دورانصوبائي وزير باري پتافي، بابر خان لنڊ ۽ ڄام مهتاب ڏهر سوڌو ٻيا اڳواڻ پهتل هئا، جڏهن ته بلاول ڀٽو جي آمد کان اڳ شهر بند ڪرائي رستا خالي ڪرايا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي جا به غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا.

April 15, 2019 at 5:30 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو