ٿر سنڌ ۽ پوري پاڪستان لاءِ خوشحالي جو سبب بڻبو: سيد مراد علي شاهه

سيوهڻ (بيورورپورٽ)   سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو جنهن کي پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ساڀيان ڏني آهي، ٿر ۽ سنڌ پوري پاڪستان لاءِ خوشحالي جو سبب بڻبو، پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه جي ورسي جي ٻارهين ورسي جي موقعي تي آيل پيپلز پارٽي اڳواڻن توڙي عوام جو ٿورائتو آهيان. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي ٻارهين ورسي جي موقعي تي واهڙ ۾ جلسي کي خطاب دوران ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق ۾ هن وقت نااهل حڪومت آهي جيڪا سنڌ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي، مرڪزي حڪومت کي اها به خبر نه آهي ته اهي اقتدار ۾ ڪيئن آيا آهن، هن وقت سنڌ کي تڪليفون ڏنيون پيون وڃن ان جي باوجود به سنڌ حڪومت سنڌ  جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اپاءُ وٺي رهي آهي. هن چيو ته مرڪز وارن کي حڪومت ڪرڻ اچي ئي نٿي جلد مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ڪنداسين ۽ نااهل وفاقي حڪومت مان عوام جي جان ڇڏرائينداسين. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 اپريل کان اڳ ٽرين ذريعي پنهنجي گهر لاڙڪاڻو ويو ته سنڌ جي ماڻهن چپي چپي تي سندس والهانه استقبال ڪيو جنهن مرڪز وارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي شهيد باني ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوامي خدمت جو سفر جاري رهندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل سال هن ئي ڏينهن تي اسان سڀ منهنجي والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه کي ياد ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئاسين جنهن کان پوءِ جولاءِ 2018 ۾ عام چونڊون ٿيون جنهن ۾ منهنجي تڪ جي عوام مونکي وڏي اڪثريت سان کٽرايو ۽ پوري سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽي کي تاريخ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو جنهن تي اسين سنڌ جي عوام جا ٿورائتا آهيون.  تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهوڙو چيو ته سنڌ جي اڳوڻي بهادر وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي بردباري ۽ دليري بي مثال آهي، سنڌ جي خلاف سازشن ۽ سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه اڄ جي ناهي، ماضي ۾ به امن و امان خراب ڪري ٻورين ۾ بند لاش ڏيئي سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪئي ويئي جنهن کي ناڪام بنايو ويو، سازشون ڪندڙ اڄ به پنهنجي حرڪتن کان باز نٿا اچن، ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ طالبان خان چورايو پر هو اڄ سندس جهولي ۾ ويهي سنڌ جي خلاف ٻيهر سازشون ڪري رهيا آهن، عمران خان جا اتحادي سنڌ کي خراب اک سان ڏسي رهيا آهن، سنڌ ڏي اٿندڙ هر ميري اک کي ڪڍيو ويندو، وسيلن سان مالا مال سنڌ پوري ملڪ کي پالي پئي. هن چيو ته چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين جهڙي طرح اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه مقابلو ڪيو هو، اسان کي سنڌ تي جان قربان ڪندڙ  سپوتن تي فخر آهي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جيڪي سنڌ لاءِ ڪيو ان تي اسان کيس سلام پيش ڪريون ٿا. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ورسي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نفرتون پکيڙندڙ ڏسي وٺن ته سنڌ ۾ اڄ اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي فرزند سيد مراد علي شاهه جي حڪومت آهي جنهن اسان کي پنهجي وطن سان محبت جو سبق سيکاريو. هن چيو ته سنڌ ماءُ آهي ۽ ماءُ جو ڀاڳو ممڪن نه آهي، ڪرائي جي قاتلن هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي ۽ انهن ۾ الطاف حسين جو روح موجود آهي، هو سازشون ڪري سنڌ جي اڙدو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن وچ ۾ نفرتون پکيڙي رهيا آهن پر انهن سازشن کي ناڪام بنايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ وفاق کي بچائڻ لاءِ شهيد بينظير ڀٽو زنجير جو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته هن وقت چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي سالميت جي ڳالهه کڻي نڪتو آهي ته پردي پٺيان ويٺل قوتن کي اها ڳالهه پسند نه آهي، اهي هن تي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن پر کين اها خبر نه آهي ته سنڌ “ڪارڊ” نه پر هڪ وڏو “ڪاز” آهي جنهن لاءِ ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پئي ته سنڌ جا سپوت اها قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندا. تقريب کي خطاب ڪندي ميمبر قومي اسيمبلي سردار سڪندر علي راهپوٽو چيو ته سيد عبدالله شاهه جون سنڌ لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، هن وقت سندس فرزند وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي والد صاحب وانگر عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪري رهيو آهي، اسان جي خاندان جو پيپلز پارٽي سان پراڻو ناتو آهي ۽ منهنجي خاندان جي نصيب ۾ پڻ ٻه شهادتون آيون آهن. تقريب ۾ سنڌ ڪابينه جي ميمبرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن، علائقي جي معززين ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورسي تقريب جي آخر ۾ پير غلام محمد اشرفي خصوصي دعا ڪرائي.

April 15, 2019 at 5:28 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو