اسلام محبت ۽ ڀائيپي جو نالو آهي: امام ڪعبه جو فيصل مسجد ۾ خطبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) امام ڪعبه شيخ عبدالله عواد الجهيني فيصل مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي چيو آهي ته اسلام محبت ۽ ڀائيپي جو نالو آهي، اهو دين اسان کي امن امان سان رهڻ جو سبق ڏئي ٿو، ان موقعي تي مسلمان امت جي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. امام ڪعبه فيصل مسجد ۾ اڄ جمعي جي نماز جي امامت ڪرائي ان کان اڳ شيخ عبدالله عواد الجهيني فيصل مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي اسلام جي بنياد بيان ڪندي چيو ته اسلام ڀائيپي جو نالو آهي ۽ اهو دين زندگي امن امان سان گذارڻ جو حڪم ڏئي ٿو. ان موقعي تي مسلمان امت جي سلامتي ۽ اتحاد لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، جمعي نماز جي ادائيگي کانپوءِ امام ڪعبه جي پاڪستاني قيادت سان ملاقات به شيڊول آهي. جمعي نماز دوران فيصل مسجد ۾ نمازين جو وڏو تعداد موجود هو جيڪو جمعي نماز جي ادائيگي لاءِ پوري شهر مان آيو هو، اهو امر ذڪر جوڳو آهي ته ايم سي آءِ جي ملازمن طرفان مطالبا مڃرائڻ لاءِ ايڪسپريس وي تي احتجاج سبب فيصل مسجد ۾ جمعي نماز لاءِ ايندڙڻ کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته ايڪسپريس وي تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳيون رهوين، پوليس ۽ ضلعي انتظاميه ٻه ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود رستو نه کولائي سگهي.

April 12, 2019 at 10:53 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو