ڪوئيٽا ڌماڪي کانپوءِ ڪراچي ۾ سيڪيورٽي سخت، شهر جي 77 ماڳن ۾ دهشتگردي جو خدشو

ڪراچي(بيورو رپورٽ) انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ ڊاڪتر ڪليم امام جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ڌماڪي کان پوءِ ڪراچي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، شهر جي 77 ماڳن  لاءِ دهشتگرديجو خدشو موجود آهي. تفصيل موجب انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون جنهن کي ختم ڪيو پيو وڃي،. ڪراچي جو شهري آهيان ۽ عزيز آباد ۾ رهندو هيس. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته سال 1980 ۾ ڪرڪيٽ کيڏندو هيس ڏاڍو سٺو ماحول هوندو هو، خبر ئي نه پئي ڪڏهن نوجوانن جي هٿن ۾ بيٽ بدران هٿيار اچي ويا، هي منهنجو شهر آهي مون کي هتان جي حالتن جي ڳڻتي آهي. هن چيو ته مفتي تقي عثماني ڪيس ۾ اهم ڪڙي ملي آهي، جلد آگاهه ڪيو ويندو. ڪوئيٽا ۾ واقعو ٿيو آهي، ڪراچي ۾ به 77 ٿريٽ الرٽ موجود آهن. ڪوئيٽا واقعي کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ سيڪيورٽي سخت آهي.  آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ٽارگٽڊ آپريشن کان پوءِ ڪراچي ۾ پوليس جي شهادتن ۾ گهٽتائي آئي، غفار ذڪري ۽ ٻين گينگز جو خاتمو ڪيو جيڪا وڏي ڪاميابي آهي. واپاري جي قتل جي جاچ ٿي رهي آهي. ڀتي يا قتل جون وارداتون گهٽ ٿيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ادارا هلائڻ لاءِ  رولز جي ضرورت هوندي آهي، 22 آگسٽ واري واقعي جي جاچ پڄاڻي وارن مرحلن ۾ آهي. ڪنهن کي شهر ۾ ائين ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

April 12, 2019 at 10:48 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو