حمزا شهباز نيب آفيس ۾ پيش،  مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيت بابت پڇاڳاڇا

لاهور ( م ڊ ) آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ۽ مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز نيب اڳيان پيش ٿي ويو، حمزا شهباز کان مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيت بابت پڇاڳاڇا ڪئي وئي، حمزا شهباز چيو ته مالي معاملا سلمان شهباز ڏسندو آهي، مان رڳو سياسي معاملا ڏسندو آهيان.  تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز کي آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ڪيس ۾ نيب ۾ پيش ٿيو.نيب جي  ٽي رڪني جاچ ٽيم پاران مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت سوال ڪيا ويا، حمزا شهباز کان 2 ڪلاڪ 45 منٽن تائين پڇاڳاڇا ڪئي وئي.  حمزا شهباز سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته مالي معاملا سلمان شهباز ڏسندو آهي، مان رڳو سياسي معاملا ڏسندو آهيان، جنهن بعد حمزا شهباز سوالن جواب ريڪارڊ ڪرائي نيب آفيس مان روانو ٿي ويو .

April 12, 2019 at 10:46 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو