پاڪستان ايف اي ٽي ايف کي ايڪشن پلان تي عملدرآمد رپورٽ 15 اپريل تي پيش ڪندو

اسلام آباد ( بيورو ) پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ کنيل قدمن ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ 15 اپريل تي پيش ڪندو. تفصيل موجب فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس جون ۾ ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو ۽ پاڪستان ايڪشن پلان تي عملدرآمدي رپورٽ 15 اپريل تي پيش ڪندو.  گهرو وزارت نيڪٽا، ايف آءِ اي، ڪسٽمز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته ايس اي سي پي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کي به رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته گهرو سيڪريٽريز صوبن ۾ هيٺين سطح تي کنيل قدمن کان آگاهه ڪن.  ذريعن موجب اهو پاڪستان طرفان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس کي جمع ڪرايل ٽئين عملدرآمدي رپورٽ هوندي. پاڪستان پاران پهرين رپورٽ گذريل سال 18هين  آگسٽ جڏهن ته ٻي رپورٽ هلندڙ سال 19هين جنوري تي جمع ڪرائي وئي جڏهن ته چوٿين عملدرآمدي رپورٽ جولائي ۾ جمع ڪرائي ويندي.

April 12, 2019 at 10:46 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو