ڇو نه نيب خلاف  آءِ ايف اي کي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( بيورو رپورٽ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري شمشاد علي کي جعلي ڪال نوٽيس موڪلڻ بابت نيب جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي.  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي ايم شيخ نيب پاران شهري شمشاد علي کي جعلي ڪال نوٽيس موڪلڻ خلاف درخوست جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪال اپ نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ احتساب عدالت حيدرآباد رجسٽرار آفيس مان جوابدار کي ڪال ڪئي وئي، پوليس پڻ معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، نيب جو جاچ آفيسر ڪنهن کي به سڌو سنئون ڪال اپ نوٽيس جاري نٿو ڪري سگهي. عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر گل آفريدي ۽ نيب انٽيليجنس رپورٽ رد ڪندي ڊي جي نيب ڪراچي کي 16 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.  عدالت نيب ريڪارڊ رجسٽر به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب گل آفريدي خلاف ته شهري جي اغوا جو ڪيس به داخل هو، ڪيس داخل ٿيو ته گل آفريدي پنهنجي بدلي اسلام آباد ڪرائي ڇڏي.  نيب پراسيڪيوٽر  موقف اختيار ڪندي ٻڌايو ته  اسان معاملي جي جاچ ڪئي آهي، ڪال اپ نوٽيس نيب طرفان جاري نه ڪيو ويو آهي.  جنهن تي جيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڏوهه به نيب وارا ڪن ۽ جاچ به نيب ڪندو اهو ڪيئن ممڪن آهي، ڇو نه نيب خلاف ايف آءِ اي کي جاچ جو حڪم ڏيون.  نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اوهان کي جنهن کان وڻي جاچ ڪرايو، معاملو عدالت ۾ حل نه ٿئي ته آءِ ايس آءِ کان به جاچ ڪرائي وٺو نيب کي ڪو به اعتراض ناهي.  چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته چپ ڪيو، گوڙ نه ڪيو، جيڪا انٽري عدالت جي رجسٽر ۾ پيش ڪئي وئي اها پڻ گمراهه ڪندڙ آهي، لڳي ٿو ڪالهه ئي ويهي اهو رجسٽر ترتيب ڏنو ويو آهي.

April 12, 2019 at 10:45 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو