وزير اعظم عمران خان پوئين 8 مهينن ۾ 200 کان مٿي يوٽرن وٺي چڪو آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

مٽياري (رپورٽ: ذوالفقار علي ميمڻ) ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته ملڪ کي مارشل لا جهڙي خطرناڪ دور ۾ به ايترو نقصان نه پهتو آهي جيترو عمران خان جي اٺن مهينن جي دور اقتدار ۾ ٿيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار ايس ٽي پي چيئرمين مثياري ويجهو ڳوٺ گيدڙ آهپن ۾ هفتو اڳ بيدردي سان قتل ٿيل عورت جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ کان پوء ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان پوئين اٺن مهينن ۾ ٻه سو کان مٿي يوٽرن وٺي چڪو آهي هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ اڪثريت غيرسنجيده ماڻهن جي آهي هن چيو ته قوم کي عمران خان مان وڏيون اميدون هيون پر عمران خان انتهائي ناڪام حڪمران ثابت ٿيو هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ٽي پي چيئرمين جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان جو اسلام آباد مارچ نواز شريف ۽ آصف زرداري جي حمايت کان سواء ايترو سگهارو نه ٿيندو هن چيو ته عمران خان ڪالھ ايم ڪيو ايم کي دهشت گرد تنظيم چئي گاريون ڏيندو هو لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪيس ڪيائين ۽ اڄ اقتدار جي مضبوطي لاء کيس ايم ڪيو ايم وارا سنجيده نظر اچي رهياآهن شرم جي ڳالھ آهي ته قاتل ۽ دهشتگرد هينئر نفيس ٿي ويا آهن هن چيو ته سنڌ جي قومپرست پارٽين کي پارلياماني سياست ڪرڻ کپي 1970 کان 1990 تائين اليڪشنن جو بائيڪاٽ ڪري قومپرست پارٽين وڏي غلطي ڪئي ڊاڪٽر قادر مگسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو اسانجي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کي تحفظ ۽ انصاف ڏيئڻ ۾ ناڪام ويو آهي جيڪا انتهائي وڏي نااهلي ۽ بزدلي آهي هن چيو ته هتي هفتو پهرين هڪ عورت کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو پر افسوس جي ڳالھ آهي ته اڃان تائين عورت جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي

April 12, 2019 at 10:44 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو