مودي کي اڪثريت نه ملي ته هو حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو: شيخ رشيد

لاهور(م ڊ)  ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مودي کي ڀارتي چونڊن ۾ اڪثريت نه ملي ته هو حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي نيٽورڪ وسيلي دهشتگردي جي ڪوشش ڪندو. رپورٽ موجب ريلوي وارو وزير شيخ رشيد، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار، قانون وارو صوبائي وزير راجا بشارت، خوراڪ وارو وزير سميع الله چوڌري ۽ صوبائي وزير حافظ ممتاز سان گڏ ٽرين وسيلي راولپنڊي روانو ٿي ويو جتي پنجاب جو وڏو وزير گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج براءِ عورت ريلوي روڊ جو افتتاح ڪندو جڏهن ته سيٽلائيٽ ٽائون  ۾ گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج کي اپ گريڊ ڪري وومين يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جي تقريب سان به خطاب ڪندو. روانگي کان اڳ ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته مودي کي جيڪڏهن ڀارتي چونڊن ۾ اڪثريت نه ملي ته هو حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مودي پنهنجي نيٽورڪ وسيلي دهشتگردي جي ڪوشش ڪندو. ريلوي واري وزير اپوزيشن اڳواڻن جي ضمانتن جي فيصلن تي سوال اٿاريندي چو ته انصاف مٿان آڱر کڻڻ درست ڳالهه ناهي پر انهن فيصلن تي تنقيدي نوٽ پڙهيا آحن، مان قانوني ماهر ناهيان پر اعتزاز احسن جو انٽرويو ٻڌو آهي هو چوي ٿو ته ضمانتن جي اهڙن فيصلن جي پوري دنيا ۾ تاريخ نه ٿي ملي. هن چيو ته عمران خان جهڙو شخص ناجائز ڪيس نه ٿو هلائي سگهي نواز شريف ۽ زرداري تي ڪيس هڪ ٻئي جي دورن جا آهن.

April 12, 2019 at 10:43 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو