پاڪستان ۽ چين گڏيل طور تي غربت جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پارلياماني لاڳاپا وڌڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي اچ وڃ وڌڻ سان نه رڳو پهريان کان موجود سماجي، سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا پر مستقبل جي اڳڀرائي ۾ مدد ملندي. سينيٽ جو هڪ اعليٰ سطحي وفد جلد ڊپٽي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ چين جو دورو ڪندو، جڏهن ته چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي پارليامينٽ هائوس ۾ چين جي سفر يائوجنگ سان ملاقات دوران ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته گوادر ۾ بين الاقوامي ايئرپورٽ جي افتتاح سان گوادر کي علائقائي معاشي مرڪز طور اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، علائقي جي ترقي گوادر ۾ تيز ترقياتي عمل ۽ سي پيڪ منصوبا جلد مڪمل ٿيڻ سان ڳنڍيل آهي، ٻئي ملڪ هن منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ترقي جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ خاص دلچسپي رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين هميشه دنيا سطح تي اهم معاملن جي حوالي سان هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي ۽ چين پاران ڀرپور سفارتي مدد تي اسان ان جا ٿورائتا آهيون پاڪستان ۽ چين گڏيل طور تي غربت ختم ڪرڻ، توانائي ۽ ڪرپشن جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۽ زرعي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، چين جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ چين ترقي جي گڏيل ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخ جي هر امتحان تي پورا لٿا آهن، هن چيو ته موجوده معاشي حصيداري ٻنهي ملڪن لاءِ هڪجيتري فائديمند ثابت ٿيندي، هن چيو ته چين جي حڪومت بلوچستان سان گڏ ٻين پٺ تي پيل علائقن ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن لاءِ پاڪستان حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي.

April 12, 2019 at 5:23 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو