دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم ڪري نٿي سگهي: جنرل زبير محمود حيات

ڪراچي(بيورو رپورٽ) چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي  جنرل زبير محمود چيو آهي ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ پاڪستانيت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود چيو ته  مارچ مهيني ۾ فيصلو ٿيو هو ته پاڪستان ٺاهڻو آهي،  پاڪستاني قوم دنيا جي منفرد قوم آهي، اسان 70 سال اڳ قوم ٿيا آهيون، اسان جي تهذيب هزارين سال قديم آهي، دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته قائد اعظم چيو هو ته مسلمان اقليت نه پر هڪ قوم آهن، پاڪستان هميشه مسلمان ملڪ رهندو، هي ملڪ سڀني لاءِ آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ مسلمان ڏکيائين جو شڪار آهن، ڀارت ۾ مسلمانن جا گهر ساڙيا ويندا آهن،  42 سيڪڙو مسلمانن کي سندن پاڙيسري قبول نه ٿا ڪن.  جنرل زبير محمود حيات چيو ته اسان مٿان سچ ۽ ڪوڙ جي يلغار آهي، اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا جو دور آهي، نيشنل ازم کي اڀارڻ جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا ذريعي ڪوڙ کي به سوچ سان ملايو ويندو آهي، نوجوانن کي گمراهه ڪيو ويو آهي پر نوجوانن کي پاڪستاني جهنڊو نه ڇڏڻو آهي.

March 15, 2019 at 12:18 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو