پاڪستان امن جي رستي تي نڪتو آهي، پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ آن لائن ويزا پاليسي جاري ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جو ويزا جاري ڪرڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي چوڻ هو ته اڄ پاڪستان امن جي رستي تي نڪري پيو آهي، ملڪ کي ٻين لاءِ کولڻ جو نئين پاڪستان جو اهو پهريون قدم آهي. هن چيو ته هڪ مائنڊ سيٽ هو ته ويزا جاري ٿيڻ ايترو ڏکيو بڻايو ته ڪو ايندو ئي نه، نئين ويزا پاليسي تحت 55 ملڪن جي شهرين کي آن رائيول ويزا اڄ کان جاري ٿي سگھندي. برطانيا، چين، ترڪي، ملائيشيا ۽ گڏيل عرب رياستن جا شهري اي ميل ذريعي رڳو 8 ڊالرن جي فيس ڏئي ويزا حاصل ڪري سگھندا. وزيراعظم چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان گھڻو پراعتماد هو ۽ ملڪ گھڻي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو هو، اِهو اُهو وقت هو، جڏهن پاڪستاني وزيراعظم جي آمريڪي وزيراعظم پاڻ ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي، 70 جي ڏهاڪي ۾ اسان جو مائنڊ سيٽ تبديل ڪيو ويو ۽ پئسا ٺاهڻ کي گناهه سمجهيو ويو، ان مائنڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ تمام ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي ۽ آن لائن ويزا جاري ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. عمران خان چيو ته برطانيا کان منهنجا دوست پاڪستان جي اتر وارن علاقن ۾ گھمڻ ايندا هئا، پاڪستان جا اتر وارا علائقا سوئٽزرلينڊ کان ٻيڻا آهن، ماڻهو ايندا ته اتان متاثر ٿيندا ۽ سيڙپڪاري ڪندا. هنزه، دير ۽ گلگت بهترين سياحتي هنڌ آهن، سياحت واري ٽاسڪ فورس سياحت جي حوالي سان نوان علائقا ڳولي رهي آهي، سياحت جي حوالي سان ويب سائيٽ ٺاهينداسين. هن چيو ته ناردرن علائقن ۾ ماڻهن کي سستو قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجي گھر سان گڏ سياحت لاءِ به ڪو ڪمرو ٺاهي سگھن. ملائشيا جي 22 ارب ڊالرن جي سياحت آهي، جيڪا رڳو سامونڊي ٻيٽن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته سياحت جي حوالي سان پاڪستان وٽ 4 مختلف شيون آهن، اسڪيٽنگ جا ڪيترائي هنڌ پاڪستان ۾ موجود آهن. سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي ۽ ايندڙ پي ايس ايل جون سڀ ميچون پاڪستان ۾ ٿينديون، امڪان آهي ته ڀارت ۾ چونڊن تائين ٿورو مسئلو ٿئي پر سڀني پاڙيسرين سان اسان جا سٺا لاڳاپا هوندا.

March 15, 2019 at 12:17 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو