اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد وهرا کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڪ سرزمين پارٽي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي جي ڊپٽي ميئر جي نااهلي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. فيصلي مطابق ارشد وهرا کي ايم ڪيو ايم پاڪستان ڇڏي پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شامل هجڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچي جي ڊپٽي ميئر جي نااهلي لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. پي ايس پي اڳواڻ سينٽرل ضلعي جي يونين ڪائونسل  49 مان چيئرمين چونڊيو ويو هو. ايم ڪيو ايم پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته ڪراچي جو ڊپٽي ميئر ايم ڪيو ايم جي ووٽن تي چونڊيو ويو هو ۽ هاڻي هن پارٽي تبديل ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن گذريل ٻڌڻي تي ڪارروائي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو هو. اي سي پي ارشد وهرا کي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت پارٽي ڇڏڻ تي نااهل قرار ڏنو آهي. فيصلي وقت ڊپٽي ميئر طرفان ڪو به اليڪشن ڪميشن ۾ موجود نه هو. ارشد وهرا جو وڪيل سيد حفيظ الدين فيصلي کان پوءِ  اليڪشن ڪميشن پهتو. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن جو احترام ڪيون ٿا، ڊپٽي ميئر کي پارٽي ڇڏڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي ان فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو حق رکون ٿا. هوڏانهن  ڊپٽي ميئر ارشد وهرا اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته فيصلي تي وڪيلن سان صلاح مشوري کانپوءِ ان کي چئلينج ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيٽر ميان عتيق اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن اهم فيصلو ٻڌايو آهي جنهن سان اسان جي پارٽي کي ڪاميابي نصيب ٿي آهي، اها حق ۽ سچ جي فتح آهي.

March 13, 2019 at 11:31 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو