بحريا ٽائون انتظاميا پاران سپريم ڪورٽ ۾ 450 ارب روپين جي آڇ، فيصلو محفوظ

 اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)  بحريا ٽائون پنهنجي ڪراچي واري منصوبي لاءِ 440 ارب مان وڌائي 450 ارب رپين جي آڇ ڪندي نيب کان ڪيس ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، جنهن تي سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو 21 مارچ تي ٻڌايو ويندو. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس سعيد شيخ جي سربراهي هيٺ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ بحريه ٽائون گذريل ڏينهن منصوبي لاءِ  ڪيل آڇ 440 ارب رپين مان وڌائي 450 ارب رپيا ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران بحريا ٽائون جي وڪيل عدالت کي رقم ادا ڪرڻ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته پنجن سالن تائين 2.25 ارب رپيا ماهوار ادا ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ باقي رقم ٽن سالن ۾ ادا ڪئي ويندي.  بحريا ٽائون جي وڪيل نيب ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست سان گڏوگڏ زمين منتقلي جي فيس ۽ ٽيڪس مان ڇوٽ جي به اپيل ڪئي. هن چيو ته 20 ارب رپين جي ڊائون پيمينٽ جڏهن ته قسطن جو 30 سيڪڙو به جمع ڪرائيندا رهنداسين، گارنٽي طور چڙيا گهر، پارڪ ۽ سئنيما پيش ڪنداسين. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته زمين منتقلي واري قانون کي معطل نٿا ڪري سگهون، جيڪي ٽيڪس ۽ سرڪاري فيس ٺهي ٿي اها ڏيڻي پوندي. ٻڌڻي جي موقعي تي ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت جي شخصيتن ۽ آفيسرن جا به بحريا ٽائون بابت ڪيس ختم ڪيا وڃن. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ڊيل بحريا سان ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت سان نه. جنهن کانپوءِ عدالت بحريا ٽائون ڪراچي بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 21 مارچ تي ٻڌايو ويندو.

March 13, 2019 at 11:30 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو