وفاق کي ارڙهين ترميم تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نواز شريف جي بلاول ڀٽو زرداري جي جيل ۾ ملاقات انساني همدردي جي بنياد تي آهي، نواز شريف جو بطور سياسي قيدي انساني بنياد تي علاج ان جي مرضي سان ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته نواز شريف جي بيماري تي وفاقي وزير ان جي مذاق اڏائي رهيا آهن، هن چيو ته نواز شريف جي علاج لاءِ وزيراعظم جي هدايتن تي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو مطلب اهو آهي ته وزيراعظم پهريان نواز شريف کي علاج جي سهولت کان روڪيو هو. جڏهن ته وفاقي حڪومت نواز شريف جي علاج تي مذاق ڪري ڇا ان کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته وفاقي وزير اطلاعات فواد چودري پنهنجي وزارت بچائي باقي نواز شريف جي ضمانت وارو معاملو عدالت ڏسندي. هن وڌيڪ چيو ته ادارن جي تحفظ لاءِ چارٽر آف ڊيموڪريسي موجود آهي، پر ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته 18 هين ترميم تحت اي او بي آءِ ادارو ۽ ورڪرس ويلفيئر بورڊ صوبن جي حوالي ٿيڻا آهن، جيڪي وفاق هن وقت تائين صوبن حوالي نه ڪيا آهن، ان لاءِ فوري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري اهي ادارا صوبن حوالي ڪيا وڃن. هن چيو ته ايف بي آءِ آر غيرقانوني طور تي اي او بي آءِ ۽ ورڪرس ويلفيئر بورڊ کان ساليانو اربين روپيا ٽيڪس وصول ڪري ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته اي او بي آءِ ۽ ورڪرس ويلفيئر بورڊ کان سنڌ روينيو بورڊ کي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. هن چيو ته وفاق کي 18 هين ترميم تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، جڏهن ته پيپلزپارٽي پارليامينٽ ۾ وفاقي سرڪار تي مسبت تنقيد ڪندي رهندي. هن چيو ته حڪمرانن جي رويئي تي افسوس آهي ته ڇو جو هو مسبت تنقيد تي ڪم زرفي ڏيکاري رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائيندڙ ۽ ڌماڪا ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان کي شهيد ذوالفقار ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جا ٿورا مڃڻ گهرجن، هن چيو ته وزيراعظم ٿر جو دورو ته ڪيو پر ٿر لاءِ ڪوبه علان نه ڪيو، هن ٿر جي ماڻهن کي صحت ڪارڊ ڏيڻ جي ڳالھ ته ڪئي، پر سنڌ ۾ ته وفاق جون اسپتالون ئي نه آهن ته عوام علاج ڪٿان ڪرائيندو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي انگريزي ۾ ڪيل تقرير تي تنقيد ته ڪئي وئي، پر قائداعظم محمد علي جناح به ته انگريزي ۾ تقرير ڪندو هو، اسد عمر ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو جي ڪيل انگريزي واري تقرير تي تنقيد ڪري اصل ۾ قائداعظم محمد علي جناح مٿان اها تنقيد ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ڪشيدگي تي سمورين جماعتن سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو، ڇو ته پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ امن جي خواهش ملڪن کي بين الا قوامي طور تي مضبوط ڪندي، جڏهن ته بدين ۾ پاڻي جي ڪمي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

March 11, 2019 at 11:45 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو