پرڏيهه ۾ قيد پاڪستانين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن: شيرين مزاري

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري سان پاڪستان ۾ ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي ڪميٽي جي سربراهه ريٽو اسٽاڪر وفد سان گڏ سومر ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران انساني حقن جي تحفظ سميت ٻاهرين ملڪن ۾ قيد پاڪستاني شهرين کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر شيرين مزاري ڀارت ۾ قيد بي ڏوهي پاڪستاني قيدي شاڪر الله تي تشدد ۽ ان جي وحشياڻي قتل تي  ڳڻتي جو اظهار ڪندي ريڊ ڪراس وفد جي سربراهه جو ڌيان ان طرف ڇڪايو ۽ چيو ته ڀارت ۾ رياستي سرپرستي ۾ پاڪستاني قيدي کي تشدد بعد قتل ڪيو ويو جيڪو مذمت جوڳو آهي. هن ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي ڪميٽي جي سربراهه ريٽو استاڪر تي زور ڀريو ته ٻاهرين ملڪن ۾ قيد پاڪستانين کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجن شهرين کي بنيادي انساني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ پر عزم آهيون ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهيا آهيون. هن وفد کي ان حوالي سان ڪيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اسان موجوده قانونن تي عمل در آمد ۽ نئين قانون سازي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ان حوالي سان مختلف نون بلن تي ڪم ڪري رهيا آهيون جن ۾ تشدد جي روڪٿام ۽ حراست دوران موت ۽ معذور ماڻهن جي حقن جو بل به شامل آهي، جن کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. هن وفد کي ٻڌايو ته انساني حقن سان لاڳاپيل مسئلن جي حوالي سان ڊيٽا بيس به تيار ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي ڪميٽي جي وفد جي سربراهه انساني حقن جي تحفظ لاءِ پاڪستان خاص طور تي انساني حقن واري وزارت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ ان ڏس ۾ پنهنجي طرفان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو.

March 11, 2019 at 11:37 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو