ملڪي اقتدار تي هميشه جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو قبضو رهيو آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

راڻيپور(ن ڪلياڻ)  ملڪ جي اقتدار تي هميشه جاگيردارن ۽سرمائيدارن جو قبضو رهيو آهي، جنهن ڪري عوام جي تقدير نه بدلي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خيرپور ضلعي جي پارٽي ورڪرڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هاڻ ڀٽن واري نه رهي آهي، وزير مشير مال ميڙڻ ۾ پورا آهن، انهن کي عوام جي مسئلن سان ڪابه دلچسپي نه آهي ۽ جي ڊي اي پڻ جاگيردارن جو اتحاد آهي، تحريڪ انصاف وارا عوام سان ڪوبه انصاف نه ڪري سگهندا، سنڌ معدني وسيلن سان مالامال هوندي سنڌ جو عوام بک ۽ بيروزگاري ۾ ورتل آهي، صحت ۽ تعليم جون سهولتون نه آهن، اسڪولن تي وڏيرن جا قبضا آهن، اسپتالن ۾ ڊسپرين جي ٽڪي به مريضن کي نه ٿي ملي. هن چيوته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ هجڻ ڪري بدين ۽ ٻين ضلعن ۾ فصل تباهه ٿي رهيا آهن، زرداري مافيا سنڌ ۾ ڪرپشن ڪري تباهي ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جا شهر کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويا آهن، ماڻهو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب عوام مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، 13 اپريل تي گمبٽ ۾ عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ جلسه عام رٿيو ويو آهي. ان موقعي تي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري گلزارسومرو، هوت گاڏهي، نصرت چنا، شبير مگسي، ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، سڪندر چانڊيو، لعل ڏنو، شفقت مهيسر، ياسر، ستاراڄڻ، شوڪت علي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

March 11, 2019 at 11:36 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو