سيد خورشيد شاهه کي نواز شريف جي نه پر پنهنجي ڳڻتي آهي: فواد چوڌري

جهلم  (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ن ليگ وٽ ڪو عوامي اشو ناهي، تنهن ڪري هاڻ اهي نواز شريف جي صحت تي سياست ڪري رهيا آهن. جهلم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته چون ٿا نواز شريف کي ڪجهه به ٿيو ته ايف آءِ آر عمران خان خلاف ٿيندي، تحريڪ انصاف جو اپوزيشن سان ڪو جهيڙو ناهي اهي عوام جي پئسي جو حساب ڏين، اسان چوندا آهيون نه رو ته هي چوندا آهن اين آر او. هن چيو ته اپوزيشن اسيمبلي ۾ ڪڏهن عوامي اشو تي آواز نه اٿاريو، جڏهن به اجلاس ٿيندو آهي ائين لڳندو آهي ته نيب جو بورڊ آف گورنرز ويهي رهيو آهي، جيڪڏهن اسان انهن کي رليف ڏنو ته پوءِ عوام جا هٿ ۽ اسان جا ڳلا هوندا، ان ۾ پارٽي جو ڪو واسطو ناهي پر حساب ٿي رهيو آهي، اهو حساب ٿيڻ اهم آهي، ڪنهن به صورت ۾ حساب کان ڀَڄي نٿو سگهجي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف بيمار آهي، وزيراعظم کانئس پڇيو ته ڪهڙي ڊاڪٽر وٽ وڃڻو آهي؟ توهان ٻاهر کان ڊاڪٽر گهرايو اسان ان لاءِ به تيار آهيون پر اها ڪهڙي ڳالهه ٿي ته ڊاڪٽر نه گهرايو مون کي علاج لاءِ لنڊن وڃڻو آهي. فواد چوڌري چيو ته اسان عمران خان جي قيادت ۾ ترقي جو سفر شروع ڪيو ۽ ان جي اڳواڻي ۾ معيشت، تعليم ۽ صحت کي به بهتر ڪنداسين. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جهلم جا ماڻهو پنهنجا سِر تريءَ تي رکي سرحد جي حفاظت ڪندا آهن ۽ جهلم وطن جي حفاظت لاءِ ناليوارا ثپوت پيدا ڪيا، اڄ ڀارت تي سڄي دنيا ۾ ٺٺول ٿي رهي آهي، ڀارت چوندو هو اسان گهڙي مارينداسين ۽ گهڙيو ته ڇا ٿيو؟ اڄ ڪنهن کي به پاڪستان اندر گهڙڻ جي جرئت نٿي ٿي سگهي ۽ گهڙي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙن کي ٻڌائي ڇڏيوسين ته اها توهان جي خوش فهمي آهي. هن چيو ته عمران خان ڀارت کي چيو هو ته توهان امن لاءِ هڪ قدم وڌايو اسان ٻه وڌائينداسين، پاڪستان شروع کان وٺي هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي، اڄ آمريڪي ميڊيا چئي رهي آهي ته عمران خان کي امن جو نوبل انعام ملڻ گهرجي، پاڪستاني وزيراعظم کي عزت ملڻ ملڪ جي عوام کي عزت ملڻ آهي پر ڪجهه ماڻهو اسيمبلين ۾ بيهي مذاق اڏائي رهيا آهن، انهن کي ته ادارن جو به احترام ناهي، خورشيد شاهه کي نواز شريف جي نه پر پنهنجي جيل وڃڻ تي ڳڻتي آهي.

March 11, 2019 at 12:56 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو