عمران خان جي سوچ ۽ نظريو رڳو گارگند آهي: سيد خورشيد شاهه

سکر(بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي انگريزي ۾ تقرير ڪرڻ تي عمران خان جي ڪيل تنقيد تي چڙي پيو، سندس چوڻ آهي ته عمران جڏهن پاڻ انگريزي ۾ تقرير ڪندو آهي ته اها ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي.سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت وقت ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته بدقسمتي آهي جو عمران خان کي اڃا تائين قومي سياست ڪرڻ نه ٿي اچي.بلاول جي تقرير عمران ان ڪري نه سمجي سگھيو جو هو پارليامينٽ ايندو ئي ناهي. بلاول جي تقرير مستقبل جي حڪمت عملي لاءِ هئي جيڪا کيس سمجھ ۾ نه آئي.سڄي قوم کي ڏسجي پيو ته عمران اڃا ڪنٽينر واريون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. عمران جي سوچ ۽ نظريو رڳو گارگند آهي. عمران وٽ نه مستقبل جو پلان آهي ۽ نه ئي واعدا پورا ڪرڻ جي اهليت. هن کان پڇيو وڃي ته هو ڪابينا ۾ ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪندو آهي.هن چيو ته ڀارت جي شڪست جو ڪارڻ اتان جي سياستدانن جي هڪ نظريي تي نه هجڻ ڪري ٿي. ڀارت ۾ 2 نظريا آهن، مودي جنگ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻين کي امن جي خواهش آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هڪ پاسي سياستدانن کي گھرائي رهي آهي.ٻئي پاسي انهن جو اڳواڻ تنقيد ڪري رهيو آهي. عمران جي تڪراري رويي باوجود پارليامينٽ ۾ هڪ به لفظ ناهي ڳالهايو، هي ٻٽو معيار آهي جو هڪ دعوت ۽ ٻيو گاريون ڏئي رهيو آهي

March 11, 2019 at 12:55 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو