پن سن تي گهر نه هلندو آهي هتي ته 22 ڪروڙ ماڻهو آهن: حمزا شهباز شريف

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته پن سن تي گهر نه هلندو آهي، 22 ڪروڙ ماڻهو آهن، قوم کي سبز باغ نه ڏيکاريا وڃن، ماڻهن جي دل ڏکندي آهي. لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي حمزا شهباز چيو ته ٽي وي تي اخلاق کان ڪريل ڳالهيون ٿينديون آهن،  زبان ڪنهن جي دل ٽوڙي سگهي ٿي ۽ جوڙي به سگهي ٿي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ هڪ سئو ارب رپين کان وڌيڪ ۾ ديا مر ڀاشا ڊيم لاءِ زمين خريد ڪئي وئي، دعا آهي ته ديا مر ڀاشا ڊيم سان اسان جي زندگي ٺهي وڃي، ڪالاباغ ڊيم ٺهي وڃي ته بجلي به سستي ٿيندي.  سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي دور ۾ 12 هزار ميگا واٽ جي بجلي پيدا ٿي، لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو هلي رهي آهي، سپريم ڪورٽ چيوته اورنج لائن لاهور وارن لاءِ تحفو آهي، غريبن جي سواري کي اڇو هاٿي قرار ڏنو ويو پر غريبن کان پڇا ته ڪئي وڃي.  حمزا شهباز شريف چيو ته قوم توهان جو بعد ۾ احتساب ڪندي پهريون توهان جو ضمير توهان کي ملامت ڪندو آهي، اسان کي قوم جي محسنن کي ياد رکڻو آهي. هن چيو ته واپار شروع ٿيندو ته ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي، چين اسان جي دور ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي، سي پيڪ رٿا کي تڪراري قرار ڏنو پيو وڃي.

March 11, 2019 at 12:55 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو