پاڪستان ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ ڳالهيون 17 فيبروري کان شروع ٿينديون

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ۾ ڳالهين جي شروعات 17 فيبروري کان ٿيندي.  پاڪستان ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ۾ ڳالهيون 22 فيبروري تائين جاري رهنديون. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ناڻي وارو سيڪريٽري عارف خان پاڪستاني وفد جي سربراهي ڪندو. پاڪستان ايف اي ٽي ايف کي ايشيا پيسفڪ گروپ سان ڳالهين تي بريفنگ ڏيندو. مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويندو. جعلي بئنڪ اڪائونٽس خلاف ڪارروائي تي به بريفنگ ڏني ويندي.  پاڪستاني وفد شڪي ٽرانزيڪشن خلاف قدمن تي عالمي ايجنسي کي اعتماد ۾ وٺندو جڏهن ته پابندي مڙهيل تنطيمن جي اڪائونٽن ۽ اثاثا منجمد ڪرڻ بابت نين پابندين تي به آگاهي ڏني ويندي.

February 11, 2019 at 1:00 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو