نئين تعمير ٿيل جيل سان سنڌ جي مختلف ضلعن جي جيلن ۾ قيدين کي سهولتون فراهم ٿينديون: سيد ناصر شاهه

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه چيو آهي ته نئين تعمير ٿيل جيل سان ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، حيدرآباد ۽ سانگھڙ جي قيدين کي سهولتون فراهم ٿينديون ۽ قيدين کي ڪيسن جي پيشين ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته ميرپورخاص جي جيل ۾ 500 قيدي رکڻ جي گنجائش موجود آهي جيل ۾ قيدين کي قانون موجب فراهم ڪيل جيل مينوئل مطابق سهولتون فراهم ڪيون وينديون اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ 65 ڪرور روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڊسٽرڪٽ جيل ميرپورخاص جو افتتاح جي موقعي تي ڪيو هن چيو ته جيلن جي لاءِ نئين قانون سازي ڪئي پئي وڃي جنهن کي جلد اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. هن چيو ته جيلن ۾ ننڍي عمر جي ٻارن کي به وڏن ڏوهن۽ عادي ڏوهارين سان گڏ رکيو وڃي ٿو جنهن سان قيدي سزا ڪاٽڻ بعد گناه کان پري ٿيڻ جي بجاءِ وڏن ڏوهارين قربت ۾ اچي وڃي ٿو انهي لاءِ به قانون سازي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي عوام کي بنيادي حق ۽ روزگار ڏنا آهن جن ماڻهن وٽ ڪجھ ڏيڻ لاءِ نه هوندو آهي اُهي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن وانگر صرف الزام هڻندا رهندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته گرفتاريون ۽ ڪيس پيپلزپارٽي لاءِ ڪا نيئن ڳالھ ناهن  آمريت جي دور کان وٺي پيپلزپارٽي انهن جيلن ۽ ڪيسن کي منهن ڏيندي اڇي پيپلزپارٽي ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي آهي انهي ڪري پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو. شهيد ذوالفقارعلي  ڀٽو ۽ شهيد راڻي پنهنجين زندگين جي ته قرباني ڏني پر اصولن تي سودي بازي نه ڪئي پيپلزپارٽي جي ڪوچيئرمين 18 سال جيل ڪاٽي پر اُنهي جي باوجود مخالف ڪوبه الزام ٽابت نه ڪري سگھيا آهن هن چيوته عليم خان کي گرفتار ڪري اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته احتساب جو عمل صاف ۽ شفاف آهي جن ڪيسن ۾ ٻين کي سياستدانن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي اهڙا الزام ته عمران خان تي به آهن. هن چيو ته ميرپورخاص ضلع جي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز ميرپورخاص جي ترقي جي لاءِ جيڪي پيڪيج گھريا آهن انهن کي چيئرمين منظور ڪري ورتو آهي جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندو جڏهن ته پيپلزپارٽي جي عوام جي لاءِ يونيورسٽي جي تحفي جو اعلان پڻ جلد ڪيو ويندو. واضع رهي ته ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ جيل جو افتتاح نگران حڪومت دوران سنڌ جي نگران وڏي وزير جي جيل خانه جات ۽ ورڪس اينڊ سروسز جي مشير (ر) برگيڊيئر حارث نواز 6 جولائي 2018 تي به ڪري چُڪو آهي ۽ افتتاح جي جوقعي تي اُن وقت جو آءِ جي جيل نصرت مگھن، ڊي آءِ جي جيل مظفر عالم صديقي ۽ ٻيا ڪامورا موجودهئا. ان موقعي تي ميمبرصوبائي اسيمبلي سيد ذوالفقارعلي شاه، نورمحمد ڀرڳڙي، ميرطارق ٽالپر، آءِ جي جيل مظفرعالم صديقي، ڊي آءِ جي جيل قاضي نظير احمد، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ثاقب اسماعيل ميمڻ، ايس ايس پي ميرپورخاص عابدبلوچ ۽ ٻيا موجود هئا

February 11, 2019 at 12:57 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو