وزيراعظم عمران خان جون ڳالهيون سندس ناڪامي جو اعتراف آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ جي مرڪزي ترجمان سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته وزيراعطم عمرن خان جون ڳالهيون سندس ناڪامي جو اعتراف آهي وزيراعظم چئي رهيو آهي ته پارليامينٽ ناڪام ٿي ويئي آهي، عمران خان جي ڳالهه جو مطلب هي آهي ته پارليامينٽ نه پر آمريت ۽ بادشاهت هئڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو مولابخش چانڊيو چيو ته عمران خان جي خواهش آهي ته بادشاهت لاڳو ڪري کيس بادشاهه قرار ڏنو وڃي وزيراعظم چاهي ٿو ته ان جي نااهل وزيرن کي نورتن قرار ڏنو وڃي افسوس جو پاڻ کي چونڊيل وزيراعظم چوندڙ پارليامينت جي مستقبل کان مايوس ٿي ويو آهي حقيقي چونڊيل وزيراعظم ڪڏهن به پارليامينٽ مانمايوس نٿو ٿي سگهي عمران خان ثابت ڪيو ته هو هڪ سليڪٽڊ وزيراعظم آهي هن چيو ته عمران خان حڪومت جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي مايوسي جو شڪار آهي ته پوءِ اڃا اڳتي ڇا ٿيندو عمران خان جي تازن بياننکان پوءِ ماڻهو کيس سليڪٽيڊ چوڻ جو حق رکن ٿا عمران خان جا تازا بيانمايوسي ۽ لاچاري جو مثال آهن. مان ڪڏهن به ايڏو لاچار وزيراعطم ناهي ڏٺو.


February 11, 2019 at 12:55 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو