حڪومت پهريان ئي آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪري چڪي آهي : مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان ۽ آءِ ايم ايف سربراهه جي ملاقات کان اڳ پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته حڪومت پهريان ئي آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪري چڪي آهي ته پوءِ اڄ ملاقات جو ڊرامو ڇو ڪيو پيو وڃي. مريم ارونگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته پهرئين حڪومت آهي جنهن چوري دروازي کان آءِ ايم ايف جي شرطن تي اڳڀرائي عمل ڪيو، ناڻي واري وزير چواڻي حڪومت آءِ ايم ايف وڃڻ کان اڳ ئي شرطون مڃي ورتيون آهن. مسلم ليگ ن جي ترجمان جو چوڻ هو ته حڪومت آءِ ايم ايف کان پيڪيج وٺڻ کان اڳ ئي مهانگائي جو بم ڪيرائي چڪي آهي.

February 11, 2019 at 12:54 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو