رمشا قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار ذوالفقار وساڻ 2 ڏينهن جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور (ڊ ر) عدالت رمشا قتل ڪيس ۾ ملوث مرڪزي جوابدار ذوالفقار وساڻ کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب رمشا قتل جي مک جوابدار ذوالفقار وساڻ کي رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ اسپيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو . پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار جي ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. عدالت پوليس جو موقف ٻڌڻ بعد جوابدار ذوالفقار وساڻ کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.


February 11, 2019 at 12:54 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو