پاڪستان ۾ سياسي ماڻهو هر وقت اليڪشن لاءِ تيار رهندا آهن: خواجا آصف

سيالڪوٽ (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته عمران خان جي لهجي مان محسوس ٿئي ٿو ته هو انتهائي پريشان آهي ۽ سياسي ماڻهو هر وقت اليڪشن لاءِ  تيار رهندا آهن. سيالڪوٽ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته حڪومت پاڻ پنهنجي دشمن آهي، بيورو ڪريسي کي ڪم نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ گذريل ڇهن مهينن ۾ حڪومت صرف پراڻن منصوبن تي ئي تختيون لڳايون آهن. هن چيو ته نظام کي خطرو آهي ۽ اسان کي خدشا آهن پوءِ به چاهيون ٿا ته نظام هلي، حڪومت نوٽ ڇاپي رهي آهي ۽ هينئر تائين 1400 ارب ڇاپي چڪي آهي. خواجا آصف چيو ته عمران خان جيڪو 22 سالن تائين چوندا رهياسين ان تي عملدرآمد نه ڪيو، هاڻ کيس اڪنامڪ ايڊوائزر به ڇڏي وڃي رهيا آهن، پهريون ڀيرو هڪ وزيراعظم آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهيو آهي، هن چيو هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان بهتر آهي خودڪشي ڪري ڇڏيان. ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جو فائدو نه ٿيندو پر ان سان حالتون بگڙجنديون ۽ اسان ڪنٽينرن تي نه ٿا چڙهڻ چاهيون، اسان به ان نظام کي بند ڪري سگهون ٿا.


February 11, 2019 at 12:50 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو