پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ سميت پوري پاڪستان کي اڳتي آڻڻ جي خواهشمند آهي: چوڌري غلام سرور

چمبڙ (رپورٽ سنڌو لغاري) ڪرپشن خلاف وزيراعظم عمران خان قدم ان ڪري کنيو آهي تہ سنڌ ۾ بي پناھ ڪرپشن ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي جنهن ڪري بي روزگاري ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي هن سهڻي ڌرتي جا ماڻهو بيروزگاري سبب پريشان آهن عمران خان چاهي پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ سنڌ جي عوام ۾ وڌ کان وڌ ترقي ڪري اڳتي اچي تحريڪ انصاف جي حڪومت سنڌ سميت پوري پاڪستان کي اڳتي آڻڻ جي خواهشمند آهي اهڙن خيالن جو اظهار آئل ۽ گئس جي وفاقي وزير چوڌري غلام سرور خان پلھ ھائوس ٽنڊوالهيار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو تہ جڏهن اسان حڪومت جون واڳون سنڀاليون تہ ملڪ جو ڏيوالو نڪتل هو اهڙي حالتن ۾ حڪومت سنڀالڻ مشڪل هو جڏهن تہ اسان پنهنجي صاف شفاف پاليسي جي آڌار نئون پاڪستان ٺاهڻ قدم وڌايو آهي انشا الله اسان ﷲ پاڪ جي مدد پنهنجو منشور ۽ مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ان موقعي تي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير عمر ايوب خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ سنڌ ڌرتي زرخيز هئي پر سنڌ جي حڪمرانن هن سھڻي ڌرتي کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي هي ڌرتي درويشن ولين بزرگن ۽ اوليا ﷲ وارن جي محبتي ماڻهن جي ڌرتي آهي هن چيو تہ پاڪستان جي رڳن ۾ مهاجرن جو بہ رت شامل آهي پاڪستان کي لٽيندڙ اڄ ڪوٽ لکپت جيل ۾ بند پيل آهن ڪنهن سان ڪا بہ ڊيل نہ ٿي آهي سنڌ ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ بہ جيل جي ھوا کائيندا  هن چيو ٽہ اسين سنڌ جي عوام کي اهو ڪجھ ڏينداسون جيڪو سنڌ هميشہ حڪمراني ڪندڙن بہ نہ ڏنو هوندو سنڌ مان بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي نوجوانن کي عزت ڀريو روزگار ڏينداسين ۽ سنڌ مان قحط سالي ختم ڪنداسون هن وڌيڪ چيو تہ جهڙي طرح ڪي پي ڪي. پنجاب. ۽ بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي جو ڪو نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي اهو وقت اچڻ وارو آهي تہ هاڻي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو نالو نشان نہ رهندو جهڙي طرح ن لیگ فقط جي ٽي روڊ تائين محدود ٿي وئي آهي اهڙي طرح پيپلزپارٽي بہ هڪ يوسي تائين محدود ٿي ويندي ان موقعي تي پي ٽي آئي ٽنڊوالهيار جا اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي پلھ. ڊاڪٽر علي نواز چوھاڻ فدا حسين چوهاڻ ۽ ايڊووڪيٽ نادر احمد ڪالرو پڻ موجود هئا.


February 11, 2019 at 12:49 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو