شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) حڪومت شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن کانپوءِ اختر مينگل جو ووٽ انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ذريعن موجب حڪومت فخر امام کي نئون پي اي سي چيئرمين بڻائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، ان ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا پندرنهن ميمبر جيڪي حڪومت ۽ اتحادين جا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي کي خط لکندا جنهن ۾ هو شهباز شريف تي اعتماد جي کوٽ جو اظهار ڪندا. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزير سميت ٽيهه ميمبر شامل آهن، پارلياماني طريقيڪار موجب پي اي سي چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ سادي اڪثريت گهربل هوندي جڏهن ته حڪومت وٽ پندرنهن ۽ اپوزيشن اتحاد وٽ چوڏنهن ووٽ آهن، جڏهن ته حڪومت لاءِ ڏکيو اهو آهي ته ناڻي واري وزير وٽ چيئرمين جي مقرري ۽ هٽائڻ جي ووٽ جو اختيار ناهي. جيڪڏهن پارٽي پوزيشن ڀيٽ ڪئي وڃي ته حڪومت اتحاد ۾ پي ٽي آءِ جا 11، ق ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ بي اين پي جو هڪ هڪ ووٽ آهي، جڏه نته آزاد ميمبر علي نواز شاهه حڪومت جو حامي آهي، پر بلوچستان نيشنل پارٽي بلوچستان صوبي لاءِ جوڙيل ڇهه نقاطي فارمولي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي حڪومت کان ناراض آهن، ان سموري معاملي ۾ اختر مينگل جو ووٽ انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ڇو ته اختر مينگل جي حمايت جي بنا شهباز شريف کي هٽائڻ ممڪن ناهي. ٻئي طرف اپوزيشن اتحاد ۾ ن ليگ جا ست، پيپلز پارٽي جا پنج، جي يو آءِ ۽ ايم ايم اي جو هڪ هڪ ووٽ شامل آهي.


February 11, 2019 at 12:43 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو