سڌارا ڏکيا پر ضروري آهن، پاڪستان کي تمام مٿي کڻي وڃڻ چاهيان ٿو: وزيراعظم

دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم پاڪستان عمران خان جو چوڻ آهي ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر بدقسمتي سان پاڪستان ترقي جي رفتار برقرار نه رکي سگهيو جنهن سبب ماضي جا حڪمرانن جو عوام جو پئسو عياشي ۾ اڏارڻ هو، ماڻهو ماضي جي حڪومتن تي اعتماد نه ڪندا هئا ان لاءِ هو ٽيڪس نه ڏيندا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان دبئي ۾ ٿيندڙ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ کي خطاب ۾ ڪيو، هن چيو ته ماضي ۾ ٽيڪس جو پئسو حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ٿيندو رهيو. عمران خان چيو ته ترقي جي بنيا دئي بهتر طرز حڪمراني آهي، خيرات ۾ اسان تمام اڳتي ۽ ٽيڪس ڏيڻ ۾ تمام پوئتي آهيون، جڏهن ماڻهو ايترا سٺا آهن ته ٽيڪس ڇو نه ٿا ادا ڪن، ان جو سبب ماڻهن جي حڪمرانن تي اعتماد جي کوٽ آهي، ڪرپشن سان ٽيڪس جو پئسو چوري ٿيندو آهي. هن چيو ته سڌارا ڏکيا آهن پر ضروري آهن، جڏهن اوهان شڪست مڃي وٺندا آهيو تڏهن ئي اوهان کي شڪست ملندي آهي، جڏهن اوهان سڌارا ڪندا آهيو ته ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اسان معاشي سڌارا ڪري رهيا آهيون، سرمائيدار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ گڏيل عرب امارات جي ايئرلائن جوڙڻ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ائيرلائنز معاونت ڪئي هئي، اسان کي پنهنجي ٽيلينٽ کي اڳتي آڻڻو پوندو، مان پاڪستان کي تمام مٿي کڻي وڃڻ چاهيان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مون غلطين مان سبق سکيو آهي، سرمائيدارن کي چوان ٿو ته هي وقت آهي پاڪستان ۾ سرمائيداري ڪرڻ جو، سرمائيدار هن بهترين موقعي کي ضايع نه ڪن.


February 11, 2019 at 12:43 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو