آءِ ايم ايف سان مسئلو ڊيل جو نه پر شرطن جو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي فنڊ سان مسئلو ڊيل جو ناهي ڊيل بابت شرطن جو آهي. برطانوي خابرو ايجنسي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪرڻ بابت اهڙي شفاف ڊيل چاهيون ٿا جيڪا ٿوري مدي ۾ پاڪستان لاءِ مددگار هجي ۽ اسان جي ڊگهي مدي جي معاشي مقصدن تي اثرانداز نه ٿئي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن گڏيل بيل آئوٽ پيڪيج جو خواهشمند آهي اهڙيون شرطون نه ٿا چاهيون جن مان پاڪستان جي نئين سر شرح کي نقصان پهچي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم دبئي ۾ منعقد سالياني عالمي اجلاس ورلڊ گورنمينٽ سمٽ کانپوءِ آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقات ڪندو جنهن سان ان جي موقف سمجهن جو موقعو ملندو ۽ اسان کي به پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملندو.


February 11, 2019 at 12:40 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو