عمران خان پنهنجي ڀيڻ عليمه خان کي اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نواز جي ترجمان مريم اورنگزيب وزير اعظم عمران خان جي بيان جي رد عمل ۾ چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ڀيڻ عليمه خان کي اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته عمران خان اين آر او جي ڳالهه ڪندو آهي پر مدر آف ڊيل ۽ اين آر او ٿي چڪو آهي. مريم اورنگزيب ٻڌايو ته مخالفر اختلاف سربراهي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ حڪومتي رويي جي حوالي سان حڪمت عملي طئي ٿيندي. هن چيو ته عمران خان پارليمان ۾ هر هفتي جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر شهباز شريف جي هڪ ئي سوال توهان کي منجهائي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان کي لڪائڻ جي لاءِ ڊي چوڪ جي سياست جو سهارو ورتو پيو وڃي. ن ليگ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته عمران خان کي بني گالا ايراضي، هيلي ڪاپٽر، عليمه جو بانامي ٿيڻ تي جواب ڏيڻو پوندو، نيب عمران خان جهانگير ترين ۽ عليمه خان کي گرفتار ڇو ناهي ڪندي.

February 9, 2019 at 11:45 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو