پاڪستان لاءِ نهايت اهم آهي ته اهو افغان عمل جو حصو بڻجي: بلاول ڀٽو زرداري

واشنگٽن (م ڊ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان لاءِ اهو اهم آهي ته هو افغان عمل جو حصو بڻجي آمريڪي فوج جي واپسي کان پوءِ واري صورتحال لاءِ اسان کي رٿابندي ڪرڻ گهرجي ڪنهن به تڪرار جو حل مصلحت آهي پ پ پ چيئرمين واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ان کي مصلحت نٿي چئجي ته اوهان دشمن کي اطمينان ڏياريو ۽ مطالبا مڃو مصلحت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن سموريون ڌريون غلطي جو احساس ڪن ۽ ذميواري قبول ڪن بلاول ڀٽو چيو ته غلطين تي شرمسار ٿيڻ کان پوءِ ٺاهه تي پهچي ته ان کي مصلحت چون ٿا جيڪڏهن اوهان هڪ ڌر کي مطمئن ڪريو مطالبا مڃيو مفاهمت ڪريو ته هي پاڪستان ۽ خطي لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندو هن چيو ته آمريڪا لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال تي يو ايس انسٽيٽيوٽ آف پيس ۾ به خطاب ڪيو بلاول جو چوڻ هو ته دهستگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن پاڪستان جو امن افغانستان سان ڳنڍيل آهي.


February 9, 2019 at 11:44 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو