ثابت ٿي ويو ته حڪومت عدالتي فيصلن جو ڪيترو احترام ڪيو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو عدليا لاءِ احترام ثابت ٿي ويو، سپريم ڪورٽ پ پ چيئرمين ۽ وڏي وزير جا اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ جو حڪم 30 ڊسمبر تي ڏنو هو پر ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا ناهن ڪڍيا ويا. هن حڪومت تي تنقيد ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي اهو ئي انصاف آهي، جنهن لاءِ ملڪي عوام کي انتظار ڪرايو ويو؟ ان معاملي تي تحريڪ انصاف اڃا تائين ٽال مٽول ڪندي رهي آهي، ثابت ٿي ويو ته تحريڪ انصاف حڪومت عدالتي فيصلن جو ڪيترو احترام ڪندي آهي. سندس چوڻ هو ته زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ وقت ته وفاقي ڪابينا وڏي تڪڙ ڪئي، ان وقت عدالت جو تحريري فيصلو وچ ۾ ڇو نه آيو؟.

January 11, 2019 at 2:24 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو