نواز ليگ جي ترقياتي ڪمن تي اختلاف ڪندڙ اڄ تعريف ڪري رهيا آهن: نواز شريف

لاهور (م ڊ) ن ليگ جي تاحيات قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پنجاب جي اهل حڪومت جي جاءِ نااهل حڪومت والاري آهي ۽ اسان جي ترقياتي ڪمن تي اختلاف ڪندڙ اڄ تعريف ڪري رهيا آهن. ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات لاءِ آيل پارٽي اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ميان نواز شريف چيو ته شهباز شريف سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن پنجاب لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ کيس اهو نتيجو مليو؟ پنجاب ۾ ميٽرو 11 مهينن ۾ مڪمل ٿي ۽ ڪي پي ۾ اڃا تائين مٽي اڏي رهي آهي. هن چيو ته پنجاب جي اهل حڪومت جي جاءِ نااهل حڪومت والاري آهي، جڏهن ته ڪي پي جي نااهل حڪومت کي ٻيهر اهل قرار ڏنو ويو. هڪ صحافي نواز شريف کان سوال ڪيو ته توهان چُپ جو روزو ڪڏهن ٽوڙيندئو؟ نواز شريف جواب ڏنو ته ڪيئن ٻڌندئو منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني. نواز شريف کان سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان يا مريم نواز مارچ کان عوامي رابطا مهم شروع ڪندا؟ ان تي هن چيو ته جيل کان ٻاهر اچڻ کان پوءِ ٻڌائيندس. نواز شريف ٻڌايو ته جيل جا ڪمرا ٿڌا هوندا آهن، هيٽر ڏنو ويو آهي ۽ اهو به پنهنجي مرضي سان هلندو آهي. ان موقعي تي جيل اختيارين چيو ته نواز شريف کي هيٽر ڏئي اسان مهرباني ڪئي آهي، جنهن تي نواز شريف چيو ته ڏسو اهي هيٽر ڏئي مون تي احسان ڪري رهيا آهن. ان دوران وفد ۾ شامل اڳواڻ احسن اقبال پنهنجي قائد کي چيو ته توهان جي گرفتاري کان پوءِ عوام جا پيغام اچي رهيا آهن. نواز شريف کلندي تبصرو ڪيو ته ڪيتري دير تائين جيل ۾ پيغام ايندا. ڳالهائڻ دوران هڪ وڪيل جو اچڻ ٿيو ته نواز شريف هن کي ڏسي چيو تاريخن تي تاريخن وجهرائيندڙ اچي ويا. ان موقعي تي خواجا آصف اڳوڻي وزيراعظم کان سوال ڪيو ته جيل ۾ بجلي ناهي ويندي؟ نواز شريف جواب ڏنو ته خواجا صاحب، خبر ناهي ته ڪهڙي قسم جي بجلي ايندي آهي، هيٽر گرم ئي ناهي ٿيندو.


January 11, 2019 at 2:24 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو