وفاقي حڪومت ادارن کي مضبوط ڪرڻ تي يقين رکي ٿي: اسد عمر

 اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ادارن جو مضبوط هجڻ معاشي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي، ٽيڪس جي پئسي کي ايمانداري سان خرچ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. پاڪ چين پبلڪ آڊٽ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام جي ٽيڪس جي پئسي کي ايمانداري، شفاف ۽ دانشمنداڻي طريقي سان خرچ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، ان حوالي سان آڊيٽر جنرل جو ڪردار اهم آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ادارن کي مضبوط ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، سرڪاري فنڊن جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ ۽ آڊٽ نظام جي بهتري لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو استعمال ڪري. هن چيو ته چين جي آڊٽ نظام ڪرپشن جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اسان چين جي آڊٽ نظام مان لاڀ کڻي سگهون ٿا.

January 11, 2019 at 2:23 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو