ملڪ جو نقصان غريب نه پر وڏا وڏا ماڻهو ڪري رهيا آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي آهي ته غريب ماڻهو ملڪ جو ڪو به نقصان نه ڪيو آهي، سمورا وڏا وڏا ماڻهو ملڪ جو نقصان ڪري رهيا آهن.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ سڄي ملڪ جي ٻيلن جي واڍي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪي پي عدالت کي ٻڌايو ته ڪي پي ۾ ٻيلن جي ايراضي جي حد بندي جاري آهي، ايبٽ آباد جي 984 ڪنال ٻيلن جي ايراضي آجي ڪرائي رهيا آهيون. ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان چيو ته  بلوچستان ۾ ٻيلن جي زمين تي قبضو ناهي، جنهن تي صدر سپريم ڪورٽ بار امان الله ڪنراڻي چيو ته لس ٻيلي ۾ 200  رپيه ايڪٽر تي ايراضي ڏني وئي، بلوچستان سان واسطو آهي تنهن ڪري مون کي خبر آهي.  سنڌ سرڪار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 17 هزار ايڪڙ ايراضي آجي ڪرائي وئي، حد بندي ۽ سروي لاءِ 50 ڪروڙ مخصوص ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته يقين نه ٿو اچي ته سنڌ ۾ قبضا ختم ڪرايا ويا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته غريب ماڻهو ملڪ جو ڪو نقصان نه ڪيو آهي، سمورا وڏا وڏا ماڻهو ملڪ جو نقصان ڪري رهيا آهن، هڪ ڏينهن ايندو جڏهن قانون جي حڪمراني هوندي، سنڌ ۾ حالتون تمام گهڻيون خراب هيون اتي ڪجهه هلچل پيدا ٿي آهي، عدالت طرفان ان مسئلي کي کڻڻ سان آگاهي پيدا ٿي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


January 11, 2019 at 2:22 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو