پاڪستان ۾ 28 سيڪڙو عوام کي هاڻوڪي سسٽم جو عام گيس مهيا ڪيو پيو وڃي: حڪومت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ جاري گيس بحران تي قابو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم واري وزارت کي فوري گڏيل پاليسي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ملڪ جي تمام وڏي اڪثريت گيس کان محروم آهي جنهن سبب گيس جي سپلائي ۾ گهٽتائي ٿيڻي آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ 28 سيڪڙو عوام کي هاڻوڪي سسٽم جو عام گيس مهيا ڪيو پيو وڃي جڏهن ته 63 سيڪڙو عوام ايل پي جي استعمال ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت کي هر سال 50 ارب روپين جي گيس چوري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. فواد چوڌري ٻڌايو ته پيٽروليم واري وزارت کي گيس بابت گڏيل پاليسي فوري بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي جڏهن پيٽروليم واري وزارت س نڀالي ته هڪ روپيو به قرض نه هو. هن جو چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي پاڻ کي گيس جو آئن اسٽائن سمجهي ٿو پر هن گيس سيڪٽر کي اربين روپين جو قرض ڪري ڇڏيو.


January 11, 2019 at 2:21 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو