سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٻٽي شهريت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت عظميٰ پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته پرڏيهي شهريت رکندڙ پاڪستان پارليامينٽ جو ميمبر بڻجڻ جا اهل ناهن. اها ڳالهه عدالت عظميٰ پارليامينٽ ميمبرن جي ٻٽي شهريت بابت ڪيس جي تفصيلي فيصلي ۾ لکي آهي، جيڪو جاري ڪيو ويو آهي. 7 ججن طرفان 32 صفحن تي ٻڌل گڏيل فيصلو جسٽس شيخ عظمت سعيد لکيو آهي. جاري ڪيل فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستاني پارليامينٽ جي رڪنيت لاءِ پرڏيهي شهريت ڇڏي سمورا قانوني تقاضا پورا ڪرڻ لازمي آهي، رڳو ٻٽي شهريت ڇڏڻ جي عمل کي شروع ڪرڻ سان نااهلي ختم نٿي ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته سينيٽر چوڌري محمد سرور برطانوي شهريت ڇڏن جا دستاويز پيش ڪيا پر پيش ڪيل دستاويزن جي تصديق جي ضرورت آهي. عدالت عظميٰ پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ لکيو آهي ته سينيٽر نزهت صادق جي آمريڪي شهريت ڇڏڻ جا دستاويز به تصديق جو تقاضو ڪن ٿا. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو آهي ته سينيٽر هارون اختر خان 1980ع ۾ ڪينيڊين شهريت ورتي ۽ تسليم ڪيو ته سندس شهريت ڇڏڻ جو عمل مڪمل ناهي ٿيو. عدالتي فيصلي تحت هارون اختر خان سينيٽر بڻجڻ لاءِ اهل ناهي، عدالتي فيصلي ۾ کيس نااهل قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سعديا عباسي جنهن وقت سينيٽر شپ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ته هوءَ به ٻٽي شهريت رکندڙ هئي. سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بئنچ پنهنجي گڏيل فيصلي ۾ لکيو آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت سعديا عباسي جي آمريڪي شهريت ڇڏڻ جو عمل مڪمل نه ٿيو هو. عدالت عظميٰ واضح ڪيو آهي ته سعديا عباسي سينيٽر بڻجڻ جي اهليت نه پئي رکي.

January 11, 2019 at 2:20 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو