سنڌ جي اسپتالن ۾ غريب ماڻهن کي دوائون نٿيون ملن : حليم عادل شيخ

 ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارليماني اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ٻاهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جعلي اڪائونٽس جو معاملو ڪراچي کان صالح پٽ تائين پهچي چڪو آهي پيپلزپارٽي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن احتساب جو وارو اچي ويو آهي نوابشاهه جي فڪر نه ڪن اتي به هاڻي اسان جا ئي اميدوار ڪامياب ٿيندا اڄ اسان سنڌ جي صحت جي ناقص صورتحال تي سنڌ اسيمبلي ۾ قراردار تي ڳالهائڻ چاهيو پر ڊپٽي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو جيڪڏهن اسپيڪر آغا سراج دراني هجي ها ته هو اسان جي ڳالهه ضرور ٻڌي ها جيڪڏهن انهن کي انهن جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته انهن کي ڪاوڙ اچي ويندي آهي . هن چيو ته جهانگارا کان وٺي مٺي ۽ پنو عاقل تائين ماڻهن وٽ علاج جي سهولت موجود ناهي ماڻهو سوئي هڻائڻ جي لاءِ به پريشان آهن سنڌ حڪومت صحت ايمرجنسي جي نالي تي ماڻهن سان مذاق ڪري رهي آهي .

January 11, 2019 at 2:19 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو