سنڌ جي وڏي وزير گئس معاملي تي سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گئس جي معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاق کي  گئس معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ خط لکنداسين. هن چيو ته سي سي آءِ ۾ سنڌ جا 3 وفاقي نمائندا آهن جن جو پ پ سان ڪو به تعلق ناهي، ٽنهي ميمبرن کي اسان جي حمايت ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته فيبروري ۾ ٿرڪول پاور پلانٽ مان بجلي جي پيداوار شروع ٿي ويندي، اميد آهي ته وفاق آئين ۽ قانون موجب سنڌ کي حق ڏيندو.

January 11, 2019 at 2:16 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو