پاڪستان جي معيشت وينٽي ليٽر تي ۽ عوام صدمي ۾ آهي: حمزه شهباز

 لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت وينٽي ليٽر تي ۽ عوام صدمي ۾ آهي، ايٽمي طاقت کي اڄ پينو جي شڪل ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، نه اين آر او گهريو پيو وڃي ۽ نه ئي حڪومت ڪيرائڻ جو اسان جو مقصد آهي، جلد ئي اوهان پنهنجي ڪوڙ جي بار هيٺيان ڌٻجي ويندا. پنجاب اسيمبلي جي اڱڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز وڌيڪ چيو ته عمران خان خلاف ڪارروائي نيب لاءِ هاڻي هڪ چئلينج آهي، هو نيب جي پويان لڪڻ ۽ ڊيڄارڻ ڇڏي ڏي، همٿ آهي ته عليما خان جي معاملي تي جي آءِ ٽي بڻائي. حمزه شهباز چيو ته پاڪستان جي معيشت جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، جڏهن حڪومت ڇڏي گروٿ ريٽ 6 سيڪڙو هو ۽ هاڻي 3 سيڪڙو ٿي ويو آهي، معيشت جي حالت تي سڀ پريشان آهيون، رپئي جو ملهه گهٽجڻ تي ايڪسپورٽس وڌندي آهي، پهريون ڀيرو ايئن ٿي رهيو آهي، رپئي جي ملهه سان ايڪسپورٽس به گهٽجي وئي آهي. هن چيو ته ڊالر تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ وڌيو، سندس ترجمان ايئن چيو ته هي پهريون موقعو آهي ته رپيو به ڪري پيو ۽ ايڪسپورٽ به ڪري رهي آهي، دنيا جي ٽن بهترين سروي ڪمپنين پاڪستان کي بي ڪئٽيگري ڪري ڇڏيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اربين رپيا ٻڏي ويا اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ جو دنيا جي 5 خراب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شمار آهي، اسان جي دور ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ بهترين پرفارم ڪري رهي هئي ۽ ترقي ڪري رهي هئي. هن چيو ته پنج مهينا ٿيا ۽ هر پاسي غيريقيني واري صورتحال آهي. صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان جي بدتميزي جو نشانو سياستدان هئا هاڻي بدتميزي صحافين سان ٿي رهي آهي، منهنجي دعا آهي ته کيس الله قوم جي خدمت جي توفيق ڏي نڪي ڪوڙ ۽ بداخلاقي ڪرڻ جي.

January 9, 2019 at 11:59 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو