اسان کي سوگهو اڳ ۾ ڪيو ويو ۽ ثبوت پوءِ ڳوليا پيا وڃن: خواجا سعد رفيق

 اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ن ليگي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته حڪومت ملڪ هلائڻ بدران مخالف ڌر کي ڀڄائڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ اسان کي سوگهو اڳ ۾ ڪيو ويو ۽ ثبوت پوءِ ڳولهيا پيا وڃن. ريلوي خساري ڪيس ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته اسان خلاف ثبوت ڳولهيا نه پر هاڻي ٺاهيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ روايت رهي آهي ته ملڪ ٺاهيندڙن جي اولاد کي جيل ۾ وڃڻو پوندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان پاڪستان سان پيار يا جمهوريت جي ڳالهه ڪندئو ته توهان سان به ائين ئي ٿيندو، سياستدانن کي هڪ ٻئي کي چور چور چوڻ بدران اصل اشوز تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي خساري ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته خواجا سعد رفيق کي عدالتي ڪمري ۾ ڏسندي ئي چيف جسٽس چيو ته خواجا صاحب کي اسان ته نٿا گهرايون پوءِ اهو ڇو ٿو اچي، اسان آڊيٽر جنرل کان جواب گهريو هو. ان تي سعد رفيق جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته آڊيٽر  جنرل لاهور ۾ جواب جمع ڪرايو آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته ايندڙِ هفتي جواب اچي وڃي ته ڪيس ٻڌنداسين. عدالت ريلوي خسارو ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.


January 9, 2019 at 11:56 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو