پاڪ افغان امن کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته امن کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي جڏهن ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن جي لاءِ ڪو به مسئلو ناهي. اسلام آباد ۾ افغان ڪيمپن ۾ رهندڙ شاگردن جي اعزاز ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته 6 هزار کان وڌيڪ شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته اسان جا افغانستان سان ثقافتي ۽ گڏيل لاڳاپا آهن. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ امن ئي پاڪستان افغانستان جو گڏيل مستقبل آهي جڏهن ته افغانستان ۾ امن جي لاءِ هر مرحلي ۾ سهڪار جاري رهندو ۽ افغانستان جي ترقي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته خطي ۾ دهشتگردي سان پاڪستان به متاثر ٿيو آهي جڏهن ته پاڪستان سرحدن جي اندر دهشتگردي جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي.


December 6, 2018 at 5:17 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو